سترام داس جڳياس

سترام داس جڳياسي: نامور شاعر سترام داس ولد جڳياسي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ مٺياڻيءَ ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ننڍي هوندي کان سندس طبيعت صوفياڻي هئي. هن مير جان الله شاهه روهڙيءَ واري جي هٿ تي بيعت ڪئي. سموري ڄمار ذڪر ۽ فڪر ۾ گذاريائين. نهايت سادگي پسند هو. زندگيءَ ۾ عام انسانن سان چڱي ورتاءُ جو درس ڏنائين. سندس تعليم مان ڪيترا علم جا متلاشي مستفيض ٿيا. هن ڪيترن طالبن کي علم جي سکيا ۽ فيض ڏنو. هميشه ٻين جي ڀلائيءَ ۾ اڳرو رهيو. سندس ڪيترائي همعصر شاعر هئا، جن ۾: ديوان وزيرمل (جج)، ماستر نرملداس ۽ چوهڙمل (وڪيل) اهم هئا. هيءُ پنهنجو وقت جو چڱو شاعر هو. هن 56 ورهين جي ڄمار ۾، 1902ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو